فضل الله انڍڙ

فضل الله انڍڙ: اسڪوارڊن ليڊر فضل الله انڍڙ 1942ع ڌاري ۾ ڳوٺ ابراهيم انڍڙ ۾ ڄائو. عصري ۽ ديني تعليم ٺيڙهي، ملتان ۽ گهوٽڪيءَ مان حاصل ڪيائين. ’ترجمان اسلام‘ رسالي جو نائب ايڊيٽر رهيو، ڪجهه عرصو ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج مٺياڻي ۽ حيدرآباد ۾ عربي استاد ٿي رهيو، وڪالت به ڪيائين. نيوي ۾ ترجمان ٿي رهيو، سکر مان ماهوار ’شريعت‘ جو اجراءُ ڪيائين، جيڪو پوءِ لڳاتار مفتي عبدالوهاب چاچڙ جي ادارت ۾ نڪرندو پيو اچي.الله انڍڙ'> فضل الله انڍڙ بعد ۾ ايئرفورس ۾ وارنٽ آفيسر ٿيو، جتان 1992ع ۾ اسڪوارڊن ليڊر طور رٽائر ڪيائين. 2003ع ۾ وفات ڪيائين، سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’تفسير آريات رضوان‘ ۽ (2) ’الترغيب و ترميب‘ (ترجمو) شامل آهن، سندس ڪيترائي مضمون ۽ مقالا ادبي ۽ ديني رسالن ۾ شايع ٿيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو